اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد پاڪستان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کان کان پڇاڳاڇا ڪئي آهي.
جيل ذريعن موجب، نيب جي ٽي رڪني ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين کان اڍائي ڪلاڪن تائين پڇاڳاڇا ڪئي.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم ۾ سردار مظفر، محسن هارون ۽ اويس شامل هئا.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم عدالتي حڪمن تي 15 نومبر تي جيل ۾ جاچ شروع ڪئي هئي، نيب ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين کان پڇاڳاڇا کانپوءِ اڊيالا جيل مان رواني ٿي وئي.