مُرڪ جان جي موت جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ هر طرف کان جاچ ڪبي: صنعان قريشي

حيدرآباد( ويب ڊيسڪ) جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ جي نياڻي جسقم ناري تحريڪ چيف آرگنائيزر مُرڪ جان پيرزادو جو ٽيجهو اڄ  مانجهند شهر ۾ ٿيندو، جنهن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شريڪ ڪندو.

 ان موقعي تي اهم اجلاس ڪري پارٽي پاران جاچ ڪميٽي به جوڙي ويندي، جيڪا نياڻي مُرڪ جان پيرزادو جي واقعي جا سڀ تفصيل معلوم ڪري پارٽي وٽ پيش ڪندي.

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي مُرڪ جان سنڌ جي نياڻي، پارٽي جي عهديدار هئي، ان جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ هر طرف کان جاچ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.