مرڪ جي وارثن سيف جتوئي کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

مانجهند(رپورٽ:بابو عمراڻي) حيدرآباد ۾ گذريل 2 ڏينهن مبينا خودڪشي سبب فوت ٿيل جسقم ناري تحريڪ  جي اڳوڻي چيف آرگنائيزر  مرڪ جان پيرذادو جي ننڍي ڀيڻ امڙ ۽ پڦي مرڪ جي موت جو ذميوار سيف جتوئي نالي شخص کي قرار ڏئي ڇڏيو مرڪ جان جي ننڍي ڀيڻ مهڪ جان پيرزادو ميڊيا کي ٻڌايو ته مرڪ جي ڏيکاريل ڊائري تمام گهڻو وقت اڳ جي آھي ڪراچي ۾ جشن لطيف پروگرام ۾َ به سيف جتوئي مرڪ تي تشدد ڪيو هو جنهن بعد هن پروگرام ڪينسل پئي ڪيو پر اسان کيس سمجهائي پروگرام ڪرڻ جو چيو جيئن غلط تاثر نه ٿئي  سيف جتوئي مرڪ کي هر وقت فونون ڪري بليڪ ميل ڪندو رهندو هو سندس ڀيڻ کائنس هميشھ گڏ رهي آھي پر مهينو اڳ سيف جتوئي جي دٻاءُ تي کين ڳوٺ مانجهند موڪلي  سمورن ڀاتين کان الڳ رهندي هئي مهڪ چيو ته سيف جتوئي جي فون اچڻ کان پوءِ مرڪ اڪثر روئيندي رهندي هئي کيس ڪيترائي ڀيرا تشدد به ڪيو ويندو هو پوليس کي سيف جتوئي کي فوري طور جاچ لاءِ حراست ۾ وٺڻ گهرجي مهڪ وڌيڪ چيو ت سيف جتوئي ۽ مرڪ جي زال مڙس واري رشتي جي افواهن کي مڪمل طور رد ڪيان ٿي  مرڪ جان کي غسل ڏيندڙ  پڦي ٻڌايو ته مرڪ جو مڻڪو نه ڀڳو آھي سندس جسم تي ڪوبه زخم جو  نشان نه هو  پر خودڪشي وقت سندس پير بيڊ تي پيل هئا جنهن مان لڳي ٿو ته کيس قتل ڪري پکي سان ٽنگيو ويو آھي جڏھن ته کين اطلاع به سيف جتوئي جي طرفان مليو هو مرڪ جي امڙ ٻڌايو ته مون خود ڏٺو ته  سندس نياڻي تي سيف وحشاڻو تشدد ڪيو هو موت جو زميوار اهو ئي آھي کيس گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.