مرڪ پيرزادو جي پرسرار موت واري واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،اڄ ٽيجهو

حيدرآباد(رپورٽر) مرڪ جان پيرزادو جي موت بابت شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، عورت ايم ايل او پاران پوليس سرجن  کي ڏنل ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موت جو حتمي سبب ڄاڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سموريون رپورٽون سامهون اچي وڃن، رپورٽ موجب مرڪ جان پيرزادو جي ڳچيءَ ۾ ڪارو رئو ٻڌل هو، رئي جي ڇڪ سبب ڳچيء تي ڪارو نشان موجود هو. موت جو سبب ڊي اين اي ۽ ٻيون رپورٽون اچڻ بعد ظاهر ڪيو ويندو، جسم جي مختلف حصن جا جزا وٺي ٽيسٽن لاءِ ليبارٽري ڏانهن اماڻايا ويا آهن. شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ موجب مرڪ جان جو لاش صبح ساڍي پنجين وڳي سول اسپتال پهتو نائين وڳي پوسٽ مارٽم شروع ٿيو ۽ يارنهين وڳي پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيو، ٻن ڪلاڪن تائين پوسٽ مارٽم جاري رهيو، مرڪ پيرزادو جو مڙهه اي ايس آئي سردار علي زرداري جي ذريعي اسپتال پهتو هو، ڪاري وڳي ۾ مڙهه آندو ويو، ٻئي طرف مرڪ پيرزادو جي پرسرار موت واري واقعي بعد اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، اڄ مرڪ پيرزادي جي ٽيجهي جون رسمون ادا ڪيون وينديون. ٻئي طرف نسيم نگر پوليس پوسٽ جي انچارج وحيد پنهور جو چوڻ آهي ته جنهن فليٽ مان مرڪ پيرزادو جو لاش هٿ آيو هو اهو فليٽ سيل ڪيل آهي، اسان جيو فينسنگ ۽ فنگرپرنٽنس سميت ٻيون سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، وارثن پاران رابطو ڪيو ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ٽيجهي جون رسمون ادا ڪري قانوني ڪارروائي جي حوالي سان مانجهند کان حيدرآباد اينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.