القادر ٽرسٽ ريفرنس ۾ عمران، بشريٰ، ملڪ رياض، علي رياض جوابدار نامزد

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نيب القادر ٽرسٽ ڪيس جو ريفرنس تيار ڪري ورتو آهي، جنهن عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان گڏ ملڪ رياض، سندس پٽ علي رياض، زلفي بخاري، فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

نامياري صحافي راجا عاطف ذوالفقار موجب ذريعن  جو چوڻ آهي ته ان ريفرنس ۾ فيصل واوڊا، اعظم خان، اڳوڻو ڪيبنيٽ سيڪريٽري احمد نواز سکيرا، محمد ميان سومرو ۽ وفاقي ڪابينا جي ڪجهه ٻين اڳوڻن وزيرن کي شاهد طور شامل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته برطانيا جي ڪرائيم ايجنسيءَ  ملڪ رياض جي پاڪستان مان غيرقانوني طور گڏ ڪيل رقم اٽڪل 190 ملين پائونڊ مني لانڊرنگ ذريعي  برطانيا منتقل ڪيل رقم پڪڙي پاڪستان  حڪومت کي واپس  ڪئي هئي. جيڪا ان وقت جي وزيراعظم عمران خان قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ  بدران ملڪ رياض جي عدالتي ڏنڊ واري رقم ۾ جمع ڪرائي ڇڏي هئي، جنهن تي عمران خان مٿان الزام آهي ته  ان رقم عيوض هن ملڪ رياض کان القادر يونيورسٽيءَ لاءِ زمين ورتي، فرح گوگي به زمين ورتي ۽ بشريٰ بي بي هيرن جا هار ۽ سونيون منڊيون رشوت طور ورتيون هيون، نيب اختيارين جاچ بعد ريفرنس تيار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ايندڙ هفتي داخل ٿيڻ جا امڪان آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 17 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.