لاهور(عبدالله طارق سهيل)بلوچستان ۾ ايندڙ حڪومت ن ليگ جي هوندي، بلاول نواز ليگ خلاف حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، ن ليگ پاران جواب نه ڏيڻ سبب پ پ ۾ بيچيني ڇانيل آهي،ذريعن موجب بلوچستان ۾ 2018ع ۾ آصف علي زرداري جنرل باجوا، جنرل فيض حميد ۽ ڪرنل حميد جو فرنٽ مين بڻجي ن ليگ حڪومت خلاف بغاوت ڪرائي، جنهن سبب مرڪز ۾ به نواز ليگ جي حڪومت هلي وئي ۽ نئين اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي راهه هموار ڪئي وئي، ان کان علاوه ايندڙ چونڊ ملتوي ڪرائڻ جي سازش به رٿي وئي جنهن ۾ ڪجهه صحافي، پي ٽي آءِ، ادارن اندر ڪجهه ماڻهو شامل هئا، هڪ هفتو اڳ تائين اها سازش پوري زور شور سان جاري هئي، هاڻي ماڻهن کي يقين ٿي رهيو آهي ته چونڊون ٿينديون، پ پ هڪ طرفي جنگ ڇيڙي ڇڏي آهي ۽ نواز ليگ تي تابڙ توڙ حملا جاري آهن،هن چيو ته بلاول اهو ناهي ٻڌايو ته بند ڪمرن ۾ نتيجا ڪير ٺاهي رهيو آهي، اصل ۾ هڪ سروي جي ڪاپي بلاول کي به ملي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ ن سادي اڪثريت سان چونڊ کٽي ويندي،120 سيٽون ن ليگ حاصل ڪري رهي آهي، اهو سروي ن ليگ پاران ڪرايو ويو آهي،پ پ ان ڳالهه مان خوش نه آهي، بلاول هڪ طرف چوي ٿو ته پ پ کي ليول پليئنگ فيلڊ نه پئي ملي، ٻئي پاسي چوي ٿو ته پ پ جو ڪنهن به اداري سان جهيڙو ناهي، ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ واري ڳالهه مان اهو مطلب نڪري ٿو ته توهان ادارن تي حملي آور ٿي رهيا آهيو، جيڪڏهن ادارا ملوث ناهن ته پوءِ سوال اهو آهي ته نوازشريف هن وقت بندوق کڻي پنهنجي حق ۾ راهه هموار ڪري رهيو آهي؟ يا ته ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ واري ڳالهه صحيح آهي يا ادارن سان شڪايت درست آهي، اصل ڳالهه اها آهي ته پ پ جي جنرل باجوا سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي، جڏهن شهبازشريف جي اڳواڻي ۾ اتحادي حڪومت هئي تڏهن پ پ جي خواهش هئي ته جنرل باجوا کي مدي ۾ واڌ ملي ويندي،پ پ جو خيال غلط نه هو ڇو ته شهبازشريف باجوا کي ايڪسٽينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو، ان وچ ۾ زرداري جون جنرل(ر) باجوا سان ڪجهه ڳالهيون طئي ٿي چڪيون هيون، ان ۾ اهو هو ته بلوچستان جي ”باپ“ پارٽي پ پ کي ملندي، ان کان اڳ 2018ع ڌاري به باجوا زرداري کي يقين ڏياريو هو ته بلوچستان عوامي پارٽي به پ پ جي ونگ هوندي، جڏهن باپ پارٽي ٺهي هئي ته آصف زرداري نوازشريف تي وڏيون ٽوڪون ڪيون هيون ته مان ته توهان کي پنجاب ۾ به حڪومت ٺاهڻ نه ڏيندس،سينيٽ جي چونڊ به کٽڻ نه ڏيندس، زرداري جو پهريون واعدو پورو نه ٿيو ڇو ته تحريڪ انصاف باپ پارٽي کي هنج وٺي ڇڏيو هو، عمران حڪومت جي خاتمي کانپوءِ به باجوا زرداري کي واعدو ڪيو هو ته باپ پارٽي اوهان کي ملندي ،ان واعدي تي به زرداري يقين ڪري ورتو هو، زرداري ٽيون ڀيرو به ڏنگجي ويو، کيس اهو به واعدو ڪيل هو ته صدر توهان هوندا، وزيراعظم عمران خان هوندو پر ان واعدي تي به کانئس معذرت ڪئي وئي،زرداري کي خوش فهمي هئي ته باجوا کي ايڪسٽينشن ملي ته 2024ع ۾ بلوچستان کيس ملندو پر اهو سڄو کيل خراب ٿي ويو،پ پ پي ڊي ايم حڪومت دوران زرداري نواز ليگ سان ڳالهيون ڪري چيو هو ته اسان جوسهڪار مستقبل ۾ به جاري رهندو، توهان پنجاب ۾ اسان کي 34 سيٽون ڏيندا، ن ليگ صاف انڪار ته نه ڪيو پر اشارن ڪناين ۾ ڄڻ جواب ئي ڏنو،هن چيو ته پ پ پنجاب ۾ هن وقت 4 کان وڌيڪ سيٽون به نٿي کٽي سگهي، 34 سيٽن جو مطالبو غيرلچڪدار آهي، نواز ليگ جهانگير ترين سان ڪجهه سيٽن تي ايڊجسٽمينٽ لاءِ تيار آهي، سنڌ ۾ ته ن ليگ جو في الحال ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ، جي ڊي اي سان گڏجي سگهاري مخالف ڌر بڻجڻ جو ارادو آهي، پر پ پ جيڪڏهن ن ليگ خلاف جنگ جاري رکي ته پوءِ ن ليگ جو ايندڙ ٽارگيٽ سنڌ ۾ به حڪومت ٺاهڻ هوندو، نوازشريف سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي خلاف آهي پر فضل الرحمان جو مطالبو آهي ته سنڌ ۾ به پنهنجي حڪومت ٺاهڻ گهرجي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 17 نومبر 2023ع تي شايع ٿي