نئين چهري سان ايندڙ چونڊ به 2018ع وارو تجربو؟جبري نااهلين سان ملڪ ڪمزور ٿيندو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) 2018ع وارو تجربو نئين شڪل ۾ ورجايو پيو وڃي، اسان پنهنجا ٽي وزيراعظم قتل ڪرائي ڇڏيا ۽ چار نااهل قرار ڏياري ڇڏيا، اڄڪلهه پاڪستان ۾ پراڻو تجربو ڪجهه نئين انداز ۾ ڪجهه نون چهرن سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سينئر صحافي حامد مير پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته نئين سياسي تجربي جي سڀني کي خبر آهي، 2018ع ۾ اليڪشن ٿيڻ واري هئي، ان کان اڳ سڀني کي خبر هئي ته ان جو نتيجو ڇا هوندو، وزيراعظم ڪير ٿيندو، ان جو سبب اهو هو ته گهڻا اليڪٽيبلز پنهنجيون پارٽيون ڇڏي هڪ پارٽي ۾ وڃي رهيا هئا، حامد مير چيو ته اسان چيو ته جيڪو ٿي رهيو آهي اهو غلط ٿي رهيو آهي، ان وقت ميڊيا تي پابنديون آهن، اسٽيبلشمينٽ اسان لاءِ چوندي هئي ته اهي ته غدار ۽ پاڪستان مخالف آهن، هاڻي 2024ع جي اليڪشن ٿيڻ واري آهي، هڪ پارٽي جي باري ۾ تاثر قائم ڪيو ويو آهي ته اها پارٽي اقتدار ۾ اچڻ واري آهي، اليڪٽيبلز ان ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن، 2018ع وارو وزيراعظم هن وقت جيل ۾ آهي، ايندڙ وزيراعظم ان کان اڳ جيل ۾ به هو، جلاوطن به ٿيو، اهو هاڻي پاڪستان اچي عدالت مان ضمانتون وٺي رهيو آهي،ٻنهي جي نالن جي خبر سڀني کي آهي، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر چئون ٿا ته اهو غلط ٿي رهيو آهي،هن چيو ته  هن ڀيري غلطي جو اندازو ڏيڍ سال اندر ئي ٿي ويندو، جبري نااهليون ۽ پابنديون ڪنهن مسئلي جو حل ناهن،جن کي جبري طور نااهل ڪيو ويندو آهي اهي ٻيهر واپس اچي ويندا آهن،پابندي جو مسئلو ناڪام ٿي ويندو، پاڪستان ۾ طاقتور ماڻهو سبق نٿا سکن،ماضي ۾ نظر ڊوڙائبي ته خبر پوندي ته سنڌ پاڪستان جي حق ۾ پهرين قرارداد پيش ڪئي، لياقت علي خان ڪو به خيال نه ڪيو ۽ ايوب کهڙي کي نااهل ڪرائي ڇڏيو،عدالت ذريعي سندس نااهلي ختم ٿي وئي، پنجاب جي وڏي وزير افتخار ممدوٽ کي به لياقت علي خان نااهل ڪرايو، هن جو ڪيس بنگالي قانوندان، سياستدان حسين شهيد سهروردي وڙهيو، پاڪستان جي پهرين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب خان کي پنهنجو وزيراعظم لڳائي ڇڏيو،اها ڳالهه تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي، ايوب خان ٽن چئن ڏينهن اندر سڪندر مرزا کي فارغ ڪري ڇڏيا، ايوب خان 1956ع جي آئين جي بحالي جو مطالبو ڪندڙ سياستدانن خلاف ايبڊو قانون ٺاهيو، حسين شهيد سهروردي، ملڪ فيروز خان نون، اڪبر بگٽي سميت ڪيترائي سياستدان نااهل ڪيا ويا، 1965ع ۾ ڌانڌلي ڪري فاطمه جناح کي هارايو ويو، يوسف رضا گيلاني کي نوازشريف جي درخواست تي  نااهل ڪيو ويو، بعد ۾ پاناما ليڪس تي نوازشريف پاڻ به نااهل ڪيو ويو،نوازشريف جي نااهلي ختم ٿي وئي، عمران خان لاءِ چيو پيو وڃي ته هو نااهل ٿي ويندو،هاڻي جيڪا اليڪشن ڪرائي پئي وڃي ان جا نتيجا تمام سنگين هوندا، آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جو مقدر ذليل ٿيڻ آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 17 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.