لاهور (عوامي آواز نيوز) صدر عارف علوي وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ مصالحت ناممڪن آهي ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن.
نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته هڪ سوال جي جواب ۾ صدر عاف علوي اهو به چيو ته جيڪڏهن نواز شريف وزيراعظم چونڊيو ويو ته ان کي هو قسم کڻائيندو.
صدر علوي جي ان انٽرويو بعد پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا برگيڊ سندس خلاف غليظ پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ کيس غدار قرار ڏنو پيو وڃي، ان کان اڳ عمران خان جي چوڻ تي صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ به نه ڏني هئي ان ڪري عمران خان ۽ پي ٽي آءِ حامي مٿس ڏمريل هئا.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 17 نومبر 2023ع تي شايع ٿي