”فواد چوڌريءَ کي سعودي سفارتخاني مان اڌ رات نڪرندي ڏٺو ويو هو“

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هو آءِ  پي پي ۾ شامل ٿيڻ باوجود به  لڪ ڇپ ۾ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ لاءِ رليف  وٺڻ خاطر سرگرم هو.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته گرفتاريءَ  کان اڳ فواد چوڌري کي اڌ رات جو سعودي عرب جي سفارتخاني مان نڪرندي ايجنسين جي اهلڪارن ڏسي ورتو هو جنهن کانپوءِ  سندس گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 17 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.