لاهور (عوامي آواز نيوز) آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير رابن رافيل اڄ پاڪستان جي دوري تي اچي رهي آهي.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته رابن رافيل جي دوري بابت پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا برگيڊ پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي آهي ته رابن رافيل اصل ۾ عمران خان کي رليف ڏيارڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين سان ڳالهائڻ اچي رهي آهي.
ان کان اڳ پرويز الاهي به شوشو ڇڏيو ته آءِ ايم ايف وفد ۽ يورپي يونين جا سفير جيل ۾ عمران خان سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن، پر حڪومت ان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. رابن رافيل جو دورو به ذاتي نوعيت جو قرار ڏنو پيو وڃي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 17 نومبر 2023ع تي شايع ٿي