ڌارين خلاف آپريشن نه پيو هلي، ڪرپشن جي بچاءَ لاءِ هاڻي سنڌ ڪارڊ نه هلندو:اياز لطيف

حيدرآباد /نصيرآباد(رپورٽر+ن ع آ)نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ  اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ ھزارين عورتن سان گڏ وارھ اسٽاپ کان محبت سنڌ ريلي ڪڍي انڊس شادي هال ۾ جلسو ڪيو ويو جنهن  ۾ مظھر راھوجو، روشن ڪنراڻي اشرف پليجو شوڪت تنيو،اڪبر خاصخيلي، عنايت لاشاري عنايت تنيو، سڪندر لاشاري زينت سمون، صدر رفيعه پليجو، نصرت خاصخيلي،راحيلا ڀٽو ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. جلسي ۾ اياز لطيف پليجي جي 55ھين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. کيس سوين لنگيون، اجرڪون، ٽوپيون ۽ ھار پارايا ويا. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ميرٽ، احتساب، امن ۽ برابري چاهيون ٿا، سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته نگران حڪومت مهانگائي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، گذريل 20 سالن ۾ سنڌ ۾ هڪ به وڏي صنعت قائم نه ٿي آهي ڪرپشن جي بچاءَ لاءِ هاڻي سنڌ ڪارڊ نه هلندو. سمورن غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪليو وڃي پيپلز پارٽي، نواز ليگ يا پي ٽي آءِ کي ڪو اختيار نه آهي ته سنڌ جي وحدت بابت فيصلا  ڪن، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي سنڌ مان اربين روپيا لٽي دبئي، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪيا آهن، هن چيو ته  ھن وقت به پي پي جي حڪومت آهي، نگران نالي جا آهن، سي ايم هائوس ۾ اڄ به اڳوڻي وڏي وزير جي چٺيء تي ڪم پيو هلي، سمورا کاتا پراڻا وزير پيا ھلائين، پ پ وارا ٽن مھينن جي موڪل تي ويل آهن، بد عنواني ۽ ڪرپشن جي انتھا ٿي چڪي آهي، ڪو به احتساب ڪرڻ وارو ڪونهي، ھن چيو ته غير قانوني ٻاھرين رھاڪن افغانين ۽ ٻين خلاف سنڌ ۾ سندن نيڪالي لاءِ خاموش ۽ مجرمانه مھم پئي ھلي، ٻين صوبن ۾ غير قانوني رھندڙن کي سختي سان پڪڙي پنھنجي ملڪن ڏانهن موڪليو پيو وڃي، پر سنڌ ۾ ٻاھرين جي لوڌ موجود آهي، ھتان جا ڊي سي، ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي اسان کي چريو ٿا سمجھن، ھن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي ھم خيال دوستن سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ چونڊن ۾ حصو وٺنداسين. هن  چيو ته نگران حڪومت پيپلز پارٽي حڪومت جو تسلسل آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪري لکين روپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃي. هن چيو ته  ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي ۽ ٻين علائقن ۾ لکين ايڪڙ زمينن تان بلڊر مافيا جا قبضا ختم ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.