ايس يو پي اڳواڻ محبوب عباسي ساٿين سميت پ پ ۾ شامل

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ محبوب عباسي ڪالهه پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي  صدر سينيٽر نثار کهڙي سان ملاقات ڪرڻ بعد پي پي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي نثار کهڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو  ته چونڊ نتيجن کان اڳ آصف علي زرداري جي پاڪستان جي صدارت لاءِ اميدوار بڻجڻ جي ڳالهه هڪ اڳڪٿي آهي، پارٽي ئي اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي. ان موقعي تي وقار مهدي ۽ خورشيد جوڻيجو به موجود هئا. هن  چيو ته پيپلز پارٽي عام چونڊون پنهنجي پليٽ فارم تان وڙهندي، جڏهن ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڪنهن سان به اتحاد نه ڪندي ۽ اسان جو اتحاد عوام سان آهي، هن چيو ته رڳو هڪ پارٽي خلاف مختلف پارٽين جو اتحاد اليڪشن کان اڳ سندن شڪست آهي. نثار کهڙي چيو ته هو محبوب عباسي ۽ سندس ساٿين کي پارٽي ۾ ڀليڪار ڪري ٿو. ان موقعي تي محبوب عباسي چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ۽ مان ان جي قيادت تي اعتماد ڪندي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.