جيڪڏهن اوهان روشني جي رفتار سان سفر ڪندئو ته ڇا ٿيندو؟

اڄ جي جديد دور ۾ اسان ڪجهه تيز رفتار انجنز تيار ڪيون آهن جن کي اسان بليٽ ٽرين، تيز هوائي جهاز، الٽرا فاسٽ سپر سونگ جهاز وغيرا چوندا آهيون ۽ هاڻي اسان هائپر لوچ ۽ ويڪٽرين بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون جيڪي تيز ترين هوائي جهاز کا به تيز هونديون پر پوءِ ه شيءِ اهڙي آهي جيڪا رفتار جي لحاظ سان سڀ کي مات ڏئي ٿي ۽ اها روشني آهي.
اوهان مان ڪجهه ماڻهن ان بابت نه سوچيو هوندو پر گھڻا ماڻهو ضرور سوچيندا آهن ته روشني جي رفتار سان سفر ڪري ڪائنات جو تجربو ڪرڻ ڪيئن هوندو؟
تصور کان هٽي ڪري جيڪڏهن حقيقت جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انسان روشني جي رفتار سان سفر نٿو ڪري سگھي ۽ جيڪڏهن ڪري به وٺي ته زندهه نٿو رهي سگھي پر جيڪڏن آئن اسٽائن جي اضافيت واري نظريي کي ورتو وڃي ته پاڻ کي روشني جي رفتار سان سفر ڪندي تصور ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي.
20 هين صدي جي شروعات ۾ البرٽ آئن اسٽائن اضافيت جو نظريو پيش ڪيو جنهن جي ذريعي توانائي (energy) جي مساوات (relativity) کي ثابت ڪيو ويو ۽ اهو ته ماس ۽ توانائي هل ٻئي ۾ تبديل ٿي سگھن ٿا.
اضافيت جو نظريو اسان کي اهو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن ڪا شيءِ روشني جي رفتار سان سفر ڪري ته ان جو Mass يعني جسم جو اندروني وزن تيزي سان وڌي ويندو. واضح رهي ته روشني جي رفتار 299,792 ڪلوميٽر في سيڪنڊ يعني 186,282 ملي في سيڪنڊ آهي ۽ جڏهن ڪا شيءِ ان رفتار سان حرڪت ڪندي آهي ته جي جو ماس لاحدود هوندو اهي جنهن لاءِ توانائي به لامحدود گھربل هوندي آهي ۽ اهو ڪنهن شيءِ لاءِ ناممڪن آهي.
پر فرض ڪريو ته اوهان مريخ، جيڪو زمين کان 450 ملين ڪلوميٽر پري آهي، جو سفر ڪري واپس اچي رهيا آهيو ۽ اهو به 90 سيڪڙو روشني جي رفتار سان بغير بيهڻ جي. ته اتي وڃڻ ۽ زمين تي موٽي اچڻ ۾ اوهان کي تقريبن 16 منٽ 40 سيڪنڊ لڳندا.
پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته اهي 16 منٽ ۽ 40 سيڪنڊ اوهان جي سفر جو مشاهدو ڪندڙ زمين وارن لاءِ هوندا. اوهان لاءِ مريخ وڃي واپس اچڻ جي سفر جو وقت رڳو 8 منٽ 20 سيڪنڊ هوندو. ان جو سبب اهو آهي ته روشني جي رفتار سان سفر دوران وقت جو دائرو وڌي ويندو آهي، اوهان جيتري تيزي سان سفر ڪندئو، اوهان اوهان لاءِ ايترو ئي سست ٿي ويندو. تنهنڪري اهو چوڻ درست هوندو ته اهڙين حالتن ۾ اوهان جي عمر ۾ اضافي جو عمل به سست ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.