ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ آر ايل اين جي پمپن سميت سمورن سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي ڇنڇر 18 نومبر صبح 8 وڳي کان سومر 20 نومبر جي صبح 8 وڳي تائين 48 ڪلاڪن لاءِ بند رهندي.
سوئي سدرن گئس ڪمپني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو قدم گهريلو واهپيدارن جي گئس جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ کنيو پيو وڃي. اعلان موجب سمورن عام صنعتن ۽ انهن جي بجلي پيدا ڪندڙ يونٽن کي گيس جي فراهمي به ڇنڇر 18 نومبر صبح 8 وڳي کان ايندڙ 48 ڪلاڪن لاءِ معطل رهندي.
Prev Post
You might also like