اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد 2024ع جي حج پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مذهبي معاملن بابت نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو آهي ته حج پاليسي 2024ع تي 3 مهينا ڪم ڪيو، وزيراعظم ان سلسلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي، حج پاليسي ۾ سعودي حڪومت به ڀرپور سهڪار ڪيو، اها حج پاليسي ڪابينا کان منظور ٿي وئي آهي.
هن چيو ته ڪڏهن به ائين ناهي ته ايندڙ حج سال جي ڀيٽ ۾ سستو هجي، گذريل هج 11 لک 75 هزار رپين جو هو، هن سال 10 لک 75 هزار رپين جو هوندو، ايئر ٽڪيٽ سستي ملي ته ان جو فائدو به حاجين کي ٿيندو، ٽڪيٽ ۾ رعايت حاجين کي واپس ڪنداسين، 90 هزارحاجين کي سوٽ ڪيس ڪيو آر ڪوڊ سان گڏ فراهم ڪنداسين، ڪيو آر ڪوڊ تي حاجين جي هر طرح جي ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي.
نگران وفاقي وزير جو چوڻ هو ته 2024ع جو حج ڊجيٽلائيز هوندو، حاجين کي موبائيل ايپ ڏني ويندي هو گم نه ٿيندا، نيٽ ختم ٿيڻ جي صورت ۾ به ايپ هلندي، حج دوران هڪ حاجي پاڪستان ۾ لامحدود ڪالز ڪري سگھندو، هر حاجي وٽ 7 جي بي انٽرنيٽ پيڪيج هوندو، ملائشين عورتن جيان پاڪستاني عورتن جهنڊي وارو عبايو به ڏينداسين.
مختصر دورانيي جو حج متعارف:
انيق احمد وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال مختصر دورانييجو حج به متعارف ڪرايو ويو آهي، شارٽ حج ۾ پاڌيئڙا 20 کان 21 ڏينهن ۾ حج ڪري واپس اچي ويندا، اسپانسرز اسڪيم ۾ ڪُڻا نه ڪڍيا ويندا، حاجي جيڪڏهن مديني ۾ 8 بدران 4 ڏينهن رهڻ چاهين ته پيڪيج وڌيڪ 30 کان 35 هزار رپيا گھٽجي ويندو.
نگران وفاقي وزير ٻڌايو ته ڊجيٽل ايپ ۾ هڪ آپشن شڪايت جو به رکيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪنهن حاجي کي شڪايت هجي ته حج ايپ ذريعي سڌي ريت شڪايت درخ ڪري سگھندو، جيئن ئي اها شڪايت درج ٿيندي ان تي ايڪشن ورتو ويندو، حج پيڪيج ۾ ناقص ڪوالٽي تي سوديبازي نه ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جي حڪومت روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ ۾ ڪراچي کي به شامل ڪري ورتو آهي، لاهور سميت ٻين شهرن کي به ان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
You might also like