ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت سي پيڪ سميت سموري ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، ملڪ ۾ رهندڙ چيني واپارين ۽ شهرين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ گهرو کاتي جي آفيس ۾ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري خوشحال خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز، چيني سفير ۽ پاڪستان ۾ موجود چيني سيڙپڪارن شرڪت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ، چيني سيڙپڪارن ۽ عام شهرين جي سيڪيورٽي جي ايس او پيز کي روائز ڪيو ويو آهي ۽ چيف سيڪريٽريز کي هدايتون مليون آهن ته بلوچستان، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ خاص طور چيني شهرين جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وڃي.
ذريعن موجب، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري چيني شهرين کي ايس او پيز تي سخت سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي درخاوست ڪئي آهي، چيني شهرين لاڳاپيل ٿاڻي کي پنهنجي موجودگيءَ ۽ اچ وڃ بابت لازمي طور آگاهه رکندا، چيني شهري ۽ سيڙپڪار ڪٿي به اچڻ وڃڻ وقت بلٽ پروف گاڏي لازمي استعمال ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مسواڙ جي گهرن ۾ گهرندڙ چيني سيڙپڪار ۽ شهري لاڳاپيل ٿاڻي ۾ فوري ۽ لازمي رجسٽريشن ڪرائيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.