ڪراچي ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن پاران نيشنل ڪانفرنس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن طرفان مقامي هوٽل ۾ نيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن کي خطاب ڪندي نگران صوبائي وزير قانون عمر سومرو خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان مختصر وقت لاءِ صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، معاشري کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي سوسائٽي کي مضبوط ڪرڻو پوندو. سرڪار وٽ فنڊن جي ڪا به کوٽ ناهي.

سندس چوڻ هو ته عوام کي نگران حڪومت مان اميد آهي ته شفاف اليڪشن ڪرائي. فاطمه ڦرڙو واقعو اسان لاءِ شرم جوڳو واقعو آهي. نگران حڪومت نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏياريندي ته جيئن اهڙا ٻيهر واقعا جنم وٺي نه سگهن.

سندس چوڻ هو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ صحت کاتي جي ڪوتاهي سبب ڊي اين اي ٽيسٽ دير سان پڌري ڪئي وئي پر فاطمه ڦرڙو جي وارثن ان ٽيسٽ کي رد ڪيو جنهن سبب ٻيهر ڊي اين اي ٽيسٽ جا جزا پنجاب موڪليا آهن.

ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ راڻي پور حويلي جي پير جا ڊي اين اي جزا ميچ ٿيا ته کيس نگران حڪومت معاف نه ڪندي.

ان موقعي تي مهتاب اڪبر راشدي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عورتن لاءِ وڏا ڪم ڪيا پر هن وقت جڏهن مظلوم عورت ٿاڻي تي انصاف لاءِ وڃي ٿي ته ٿاڻي دار مظلوم عورت کي چوندو آهي ته هو وڃي گهر وارن سان ٺاھ ڪري.

سندس چوڻ هو ته وڌيڪ ڪميشن جوڙڻ جي ضرورت آهي. عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي.

ڪانفرنس کي اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه، شميم ممتاز ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ڪانفرنس ۾ سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري تحسين فاطمه انساني حقن جي ايڊيشنل سيڪريٽري فضل حسين اويسي، اقبال ڏيٿو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.