ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نگران سرڪار جنوري 2024ع کان گئس جا اگهه وري وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪراچي ۾ نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف کي توانائي شعبي جي ٽيرف تي نظرثاني کان آگاهه ڪيو ويو آهي، فلحال رئيل اسٽيٽ ۽ ريٽيلرز سميت مختلف شعبن ۾ واڌو ٽئڪس لڳائڻ جو فيصلو ناهي ٿيو.
ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جا 9415 ارب رُپين جي ٽئڪس اوڳاڙي پهرين ترجيح آهي، جيڪڏهن ٽئڪس اوڳاڙي ۾ ڪو شارٽ فال ٿيو ته پوءِ اضافي قدمن بابت سوچينداسين، حڪومت هڪ ڏهائي پنج ارب ڊالر جا انٽرنيشنل بانڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ ريٽنگ ۾ بهتري ايندي، ان کانپوءِ بانڊ جاري ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو، هلندڙ مالي سال عالمي بئنڪ مان ارب ڊالرز فنڊ ملڻ جو امڪان آهي، اي ڊي بي، اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشيائي انفراسٽڪچر بئنڪ وٽان به مجموعي هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته پاڪستاني معيشت ۾ بهتر آئي آهي، وڌيڪ بهتري لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان جو آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ رهڻ ضروري آهي.
ان کان اڳ دي فيچر سمٽ کي خطاب ڪندي نگران ناڻي واري وزير شمشماد اختر جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت توانائي جي قيمت گهٽائي ويندي.
هن چيوته اسٽيٽ بئنڪ جا مٽا سٽا ناڻي جا ذخيرا چار ارب مان وڌي ست ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، نگران حڪومت جو ڪم معيشت ۾ استحڪام آڻڻ ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ڪرائڻ هيو، پروگرام تي عمل کانپوءِ آءِ ايم ايف سان ست ارب ڊالرز جي قسط وٺڻي آهي.
ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان وڌيڪ ست سئو ملين جي فراهمي جو اسٽاف ليول معاهدو به ٿيڻو آهي، توانائي واري شعبي ۾ بهتري ۽ خرچ گهٽائڻ بابت پاليسي آڻي رهيا آهيون، سيڙپڪاري جي حاصلات ۽ وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت ٽئڪس اوڳاڙي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ ايف بي آر جي نظام ۾ بهتري لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون، ٽئڪس بيس کي وڌائڻ لاءِ جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي لاڳو ڪري رهيا آهيو، جنهن ذريعي ٽئڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ٿيندو، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽئڪس چورن ۽ نان فائلرز جي نشاندهي ۾ آساني ٿيندي.
آءِ ايم ايف شرطن جو پورائو، حڪومت پاران هڪ ڀيرو وري گئس قيمتون وڌائڻ جو فيصلو
You might also like