ڪولڪتا ۾ برسات، ريزرو ڊي تي به ميچ نه ٿي سگهي ته ڪهڙي ٽيم فائنل ۾ ويندي؟

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل اڄ ڪولڪتا جي ايڊن گارڊن ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ کيڏيو ويندو.

گذريل ڏينهن ايونٽ جي پهرين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڀارت ورلڊ ڪپ فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي جڏهن ته ٻي ٽيم جو فيصلو اڄ ممڪن آهي.

پر خبر اِها آهي ته اڄ خميس جي ڏينهن ڪولڪتا ۾ طوفاني برسات جو پنجاهه سيڪڙو امڪان آهي، ان ڏس ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سيمي فائنل ۾ برسات سبب ميچ متاثر ٿيڻ جي صوررت ۾ ريزرو ڊي پڻ رکيو آهي.

آءِ سي سي موجب، جيڪڏهن خميس جي ڏينهن سيمي فائنل مڪمل نه ٿي سگهيو ته جمعي جي ڏينهن ميچ اتان شروع ڪئي ويندي جتي روڪي وئي هئي.

هتي اِها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ريزرو ڊي يعني جمعي تي ڪولڪتا ۾ اسي سيڪڙو برسات جو امڪان آهي، يعني سترنهن نومبر تي ميچ ٿيڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي ڇو ته موسميات کاتي طرفان  ان ڏينهن به تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جيڪڏهن ريزرو ڊي تي به ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا جو سيمي فائنل نه ٿي سگهيو ته آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل لاءِ ڏکڻ آفريڪي ٽيم پهريون ڀيرو ڪواليفاءِ ڪري ويندي.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم فائنل لاءِ انڪري ڪواليفاءِ ڪندي ڇو ته ليگ اسٽيج کانپوءِ آفريڪي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي ٻئي نمبر تي آهي ۽ جنهن جو رن ريٽ بهترين1.261 آهي.

ان جي ابتڙ آسٽريلوي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين نمبر تي آهي جنهن جو رن ريٽ 0.841 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.