ڪراچي (پورٽر) سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳ ڪارونجهر جبل کي تاريخي ورثو قرار ڏيڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري.
خبر موجب سنڌ سرڪار پاران سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل اپيل ۾ ڪارونجهر جو ڪيس وڙهندڙ ٿر ڄائي وڪيل ايڊووڪيٽ شنڪر لال ميگهواڙ، سيڪريٽري منرل اينڊ مائنز، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت، ڊائريڪٽر جنرل لائسنس اٿارٽي منرل اينڊ مائنز ڊپارٽمينٽ، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ايس ايس پي ٿرپارڪر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر منرل اينڊ مائنز، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انوائرومينٽ ڊپارٽمينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ، مختيارڪار ننگرپارڪر ۽ ايس ايڇ او ننگرپارڪر کي ڌر بڻايو ويو آهي.
وڪيل شنڪر لال ميگهواڙ موجب، سنڌ حڪومت پاران ڌرين کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي آهي.
واضح رهي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد، وڪيل شنڪر ميگھواڙ جي درخواست تي 5 سيپٽمبر 2023 تي محفوظ ڪيل فيصلو 19 آڪٽوبر 2023ع تي ٻڌائيندي ڪارونجهر جبل کي قومي ورثو قرار ڏنو هو.
بئنچ ۾ جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حيسن خان شامل هئا، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ڪارونجهر جبل کي ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪري لاڳاپيل ڌرين کي حڪم ڏنو هو ته ڪارونجهر جبل تي ڪا به ڪمرشل سرگرمي نه ڪئي وڃي.
سيڪريٽري معدنيات ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ لاڳاپيل ادارا ان حڪم کي يقيني بڻائن، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ سيڪريٽري معدنيات ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ايس ايڇ او ننگرپارڪر ذميوار هوندا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جهنگلي جيوت کي حڪم ڏنو هو ته جهنگلي جيوت کاتو گيم سينچري کي بحال ڪري اتان جي جهنگلي جيوت جي تحفظ کي يقيني بڻائي. عدالت ڪارونجهر جبل تي فوري وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو هو.
عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو هو ته ڪارونجهر جبل تي موجود تاريخي عبادت گاهن جي حفاظت به يقيني بڻايو وڃي.
ياد رهي ته عدالتي فيصلي کانپوءِ سياحث ۽ ثقافت واري نگران صوبائي وزير چيو هو ته ڪارونجهر جبل سڄو هيريٽيج ناهي، ڪارونجهر ۾ موجود قديمي مندرن ۽ مسجدن واري علائقن کي هيريٽيج ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، باقي جبل ۾ گرينائيٽ پٿر موجود آهي، جن جي کوٽائي ڪري سگهجي ٿي.