حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو مُرڪ پيرزادو جي موت واري واقعي تي مختلف رايا ڏئي رهيا آهن، ڪي ماڻهو واقعي کي خودڪشي قرار ڏين ٿا ته ڪي وري هن واقعي کي قتل سمجهن ٿا. سوشل ميڊيا واهپيدار سيف جو ڪردار شڪي قرار ڏيڻ لڳا. واهپيدارن موجب هو مرڪ ۽ پنهنجي تعلق بابت وڪڙ ڏئي ڳالهه ڪري پيو. مرڪ ڇوساڻس بنا جواز بحث ڪندي خودڪشي تائين پهتي؟انتي نٿو ڳالهائي. مرڪ جي ڪنهن ڪنهن سان ويجهڙائپ هئي انهن جو ذڪر مبهم ڪري پيو نالا نٿو کڻي . بقول سيف جي ته ڪجهه ماڻهو اسانجي ڪردار تي اٽيڪ ڪندا رهيا؟؟ آخري رات هن جيڪي اسٽيٽس ڇڏيا ان م ڪير کوسو ۽ ڪير چولياڻي آهن انهن جا نالا هينئر ڇو ڪونه کنيائين جيڪي بقول هن جي ته جذبات م اچي لکيائين؟ 6-مرڪ جو موبائل ۽ سيف جو موبائل ۽ جن ٻين جا نالا آهن انهن جي موبائلن کي فورا محفوظ ڪري فرانزڪ ڪرائي وڃي. سيف،ٻين مشڪوڪ نوجوانن جون هڪ هفتي جون. لوڪيشنز ٽريس ڪيون وڃن. جيترو دير ٿيندي اوترو ڪيس ڪمزور ۽ ثبوت گم ٿيندا. مرڪ بابت ايڊووڪيٽ اندر جيت لوهاڻو ٻڌايو ته مرڪ مسئلن سبب پريشان هوندي هئي جيڪي الڳ معاملا آهن پر سيف سان رليشن م هجڻ ۽ آخري وقت تائين رابطي ۾.هجڻ ۽ ان بعد سيف جو ائين.گم ٿيڻ ۽ پهرين نالا کڻڻ ۽ پو ءِ پوسٽون ڊاهڻ گهڻو ڪجهه مشڪوڪ بڻائي ٿو.سيف جيڪڏهن بيڏوهي آهي ته کيس فورا پاڻ پوليس اڳيان سرنڊر ڪري پيش پوڻ گهرجي ها،