پشاور ۾ آپريشن، انتهائي اهم ڪمانڊر سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ فوجي جوان شهيد

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور ۾سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڪمانڊر سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز پشاور جي علائقي بڍبير ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد ماريا ويا، مارجي ويل دهشتگردن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر سميع الله عرف شينائي به شامل آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪمانڊر سلمان،عمران ۽ حضرت عمر خالد به مارجي ويلن ۾ شامل آهن.
مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هئا، دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو.
ٻئي پاسي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ به آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪلاچي ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ جوان شهيد ٿي ويو، لانس نائڪ محمد اعجاز خان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.