اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ خاطري ڪرائي آهي ته جنرل (ر) فيض حميد، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ ٻين خلاف قانوني موجب ڪارروائي ٿيندي ان خاطريءَ بعد نواز شريف نالا نه کڻڻ تي راضي ٿيو آهي.
نامياري صحافي جاويد چوڌري جو چوڻ آهي ته ٽاپ سٽي واري ڪيس ۾ جنرل (ر) فيض حميد ۽ جسٽس ثاقب نثار جو گهيرو تنگ ٿي ويو آهي ۽ امڪان پيدا ٿي ويا آهن ته جنرل (ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو.
جڏهن ته اهي اطلاع آهن ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار به دوستن ذريعي نواز شريف کي پيغام اماڻيا آهن ۽ معافي وٺڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي، پر معاملو نواز شريف جي معاف ڪرڻ کان اڳتي نڪري ويو آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 16 نومبر 2023 تي شايع ٿي