موجوده اسٽيبلشمينٽ ڪميشن آڏو رڪاوٽ نه بڻجندي!

اسلام آباد (عوامي  آواز نيوز )  نگران حڪومت عدالت جي حڪم تي ايبٽ آباد ڌرڻي بابت ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي،  جنهن کانپوءِ جنرل (ر)  باجوه  ۽ جنرل فيض حميد جو گهيرو تنگ ٿي ويو آهي.

نامياري صحافي عاصمه شيرازي  موجب  محسو ٿي رهيو آهي ته چيف جسٽس پنهنجي مدت دوران ئي فيصلي تي عمل ڪرائڻ چاهي ٿو. ان ڪري اهي امڪان گهٽ آهن ته فيض آباد ڪميشن به ماضيءَ جي حمود الرحمان ڪميشن، ايبٽ آباد، اوجهڙي ڪئمپ بابت ڪميسنن  جهڙي ثابت ٿيندي جن جون اڄ  تائين رپورٽون منظر تي نه آيون آهن، چيف جسٽس کي به ماضيءَ  جي ڪميشنن جي ڪردار بابت ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي.

ان ڪري محسوس ٿي رهيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي عهدي  تي هوندي فيض آباد ڪميشن  جي رپورٽ پڌري ٿيندي ۽  فيض آباد ڌرڻي ۾ ملوث ڪردارن خلاف ڪارروائي ٿيندي، موجوده آرمي چيف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار مان به محسوس ٿي رهيو آهي ته اهي به هن ڀيري شايد رڪاوٽ نه بڻجندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 16 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.