اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ دوران ابصار عالم بطور پيمرا چيئرمين بحاليءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
نامياري صحافي اسد علي طور سان ڳالهائيندي اڳوڻي پيمرا چيئرمين ابصاف عالم چيو ته صرف اهو چاهيان ٿو ته اهڙو عدالتي نظام هجي جو ڪو به چيف جسٽس بليڪ ميل نه ٿئي ۽ مستقبل ۾ اهو ڪجهه پيمرا چيئرمين سان نه ٿئي جيڪو مون سان ٿيو.
هن چيو ته آئنده ڪنهن جي به پيرن ۾ اهي ڪنڊا نه چڀن جيڪي مون کي پيرن ۾ لڳا ،نه صرف مون پر منهنجي پوري خاندان ڀوڳيو، اميد ڪيان ٿو ته ڪميشن اهڙو عملي ڪم ڪري جو قانون جي حڪمراني بحال ٿي سگهي جيڪي خدشا ۽ تحفظ هئا انهن بابت عدالت ۾ اظهار ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 16 نومبر 2023 تي شايع ٿي