فيض آباد ڌرڻو ڪميشن اکين جي صفائي يا ٽرڪ جي بتي ؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) چيف جسٽس قاضي فائز شايد سچ عوام آڏو آڻڻ چاهي ٿو، نامياري صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته فيض آباد ڌرڻي بابت ڪميشن اصل ۾” ٽرٿ اينڊري ڪانسيلئشن “  ڪميشن آهي.

  نامياري صحافي عبدالقيوم صديقي جو چوڻ آهي ته ڏسڻو اهو آهي ته ڪميشن اکين جي صفائي ثابت ٿئي ٿي يا ڪو نتيجو ڏئي ٿي. نامياري صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته سچ عوام آڏو  اچڻ گهرجي امڪان آهي ته چونڊن کان اڳ شايد ڪميشن جي رپورٽ پڌري ٿي وڃي ان بعد نئين حڪومت جو امتحان شروع ٿي ويندو. ڇو ته سڀ کان وڌيڪ متاثر به ن ليگ ٿي آهي.

صحافي موجب، مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته ذاتي طور مون کي ته عدالتي ڪارروائي به اکين جي صفائي  محسوس ٿي رهي آهي ۽ ڪميشن ٽرڪ جي بتي نظر اچي رهي آهي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته ٻن مهينن کانپوءِ نئون اٽارني جنرل اچي چئي ته ڪميشن اڃان هڪ مهينو وڌيڪ وقت گهريو آهي.

ان کانپوءِ  چيف جسٽس  جي رٽائرمينٽ جون ڳالهيون شروع ٿي وينديون، عبدالقيوم صديقي جو چوڻ آهي ته ڪميشن صرف فيض  آباد ڌرڻي جي اصل ڪردارن جا نالا ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ته اها به وڏي ڳالهه هوندي مطيع الله  جو چوڻ آهي ته مونکي ته عدالت عمل در آمد بئنچ محسوس ٿي رهي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 16 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.