اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ۽ واپڊا آفيسرن جي مفت بجلي جي سهولت ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ واپڊا آفيسرن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، گريڊ 17 کان 22 تائين آفيسرن کي مفت بجلي بدران روڪ رقم ڏني ويندي.
وفاقي ڪابينا نظرثاني ٿيل حج پاليسي 2024 جي به منظوري ڏني، جڏهن ته آن لائن ويزا فهرست ۾ وڌيڪ ملڪن کي شامل ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي.
Prev Post
Next Post
You might also like