پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وائلڊ لائف کاتي چيو آهي ته مقامي ماڻهن ۾ شعور جي بيداري سبب صوبي ۾ مارخور جو انگ وڌي ويو آهي.
خيبر پختونخواهه صوبي ۾ مارخور جو انگ وڌڻ لڳو آهي، گذريل 37 سالن دوران مارخور جي انگ ۾ پنجوڻ تي واڌ ٿي.
ان سلسلي ۾ وائلڊ لائف کاتي جي رپورٽ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مارخور جو انگ 5 هزار 621 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 1985 ۾ خيبر پختونخواهه ۾ مارخور جو انگ 961 هو.
رپورٽ موجب سوات ۽ ڪوهستان ۾ مارخور جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، چترال ۾ مارخور جو انگ 2427 آهي، چترال گول ۾ 2375، ڪوهستان ۾ 660 ۽ سوات ۾ 159 مارخور آهن.
وائلڊ لائف کاتي چيو آهي ته مقامي ماڻهن ۾ شعور بيدار ٿيو آهي، مارخور جو غير قانوني شڪار ڏوهه آهي.
You might also like