سرڪاري ملازمن لاءِ نيون هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اچ وڃ جي مانيٽرنگ سخت ڪئي وئي ۽ سرڪاري ملازمن کي آفيس ڪارڊ ظاهر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اچ وڃ لاءِ نيون هدايتون جاري ڪندي مانيٽرنگ سخت ڪئي وئي آهي.
سنڌ سيڪريٽريٽ جي عمارتن ۽ بئرڪن ۾ فول پروف سيڪيورٽي جي هدايت ڪندي شهرين جي بنا اجازت داخلا بند ڪئي وئي آهي.
مک درن تي پوليس نفري وڌائڻ ۽ سرڪاري ملازمن کي آفيس ڪارڊ ظاهر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سڀني ملازمن کي واڪ ٿرو گيٽ ذريعي داخل ٿيڻ جي به هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
غير سرڪاري گاڏين جي داخلا تي به پابندي لاڳو ڪندي گاڏين جا سمورا عارضي انٽري پاس رد ڪيا ويا آهن.
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اڳواٽ اجازت بنا سيڪيورٽي گارڊن جي داخلا جي اجازت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.