لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ ٽيمن جي نئين ڪپتانن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت شاهين شاهه آفريديءَ کي سونپي وئي آهي، جڏهن ته ون ڊي ٽيم جي ڪپتان جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ڪنهن ڪوچ فارغ ناهي ڪيو رڳو سندن پوزيشن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.
محمد حفيظ کي قومي ٽيم جي ڊائريڪٽر جي ذميواري ڏني وئي آهي.
Presenting our captains 🇵🇰@shani_official has been appointed Test captain while @iShaheenAfridi will lead the T20I side. pic.twitter.com/wPSebUB60m
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) November 15, 2023
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ورلڊ ڪپ دوران ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جڏهن ته ڪوچ مورني مورڪل به ڪجهه ڏينهن اڳ عهدي تان اسعيفيٰ ڏئي چڪو آهي ۽ هاڻ ڪپتان بابر اعظم به ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني تان هٿ کڻي ويو ورتو آهي، بابر اعظم پي سي بي طرفان صرف ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
بابر اعظم سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي بيان جاري ڪندي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو .
بابر اعظم چيو ته ٽنهي فارميٽ ۾ رانديگر طور کيڏڻ چاهيان ٿو، منهنجي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم نمبر ون بڻي جنهن ۾ سمورن رانديگرن جي محنت پڻ شامل هئي، ڪپتاني ڇڏڻ ڏکيو فيصلو هيو پر ڪپتاني ڇڏڻ جو هي صحيح وقت آهي.
ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي مئنيجمينٽ ۽ ڪپتان بابر اعظم سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران پي سي بي چيئرمين ڪوچز جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر کان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني واپس ورتي وئي جڏهن ته کيس رڳو ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي.