ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ پاڪستاني رپئي جو قدر مستحڪم ٿيڻ بعد موٽرسائيڪلن جي قيمتن ۾ به گھٽتائي جا امڪان آهن.
موجودا صورتحال ۾ ڊالر جي قيمت سان سلهاڙيل تقريبن هر شيءِ جي قيمت گھٽي آهي ان کي نظر ۾ رکندي عوام کي موٽرسائيڪل جي قيمت ۾ به گھٽتائي جي اميد آهي.
مختلف ڪمپنين جي عهديدارن چيو آهي ته موٽرسائيڪلن جي قيمتن ۾ گھٽتائي جي حوالي سان گھڻيون خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر اهي سڀ بي بنياد آهن.
موٽرسائيڪلن جون قيمتون اڳ ئي في ڊالر 250 يا 255 رپين جي وقت طئي ٿيون هيون تنهنڪري هن وقت گھٽتائي جو امڪان ناهي.
نئين حڪومت اچڻ تي متان موٽرسائيڪلون سستيون ٿي وڃن، في الحال 2 کان ٽن مهينن تائين نه قيمتون گھٽبيون نه ئي وڌنديون.
You might also like