ڪراچي: لياقت آباد ۾ 6 ماڙ رهائشي عمارت ڪيرائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي لياقت آباد سي ون ايريا ۾ غير قانوني طور تعمير ڪيل 6 ماڙ رهائشي عمارت ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني اڏاوت ۾ ملوث ايس بي سي اي آفيسرن ۽ بلڊر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي عمارت کي ڊاهڻ لاءِ ڊي سي سينٽرل ۽ پوليس کي ايس بي سي اي جي مدد جي هدايت ڪئي، گڏوگڏ عدالت 14 ڊسمبر تي عملدرآمد رپورٽ به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
4 سالن کان حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي جسٽس نديم اختر ڊي جي ايس بي سي اي اسحاق کهڙي جي ڇنڊ پٽي، اسحاق کهڙي عدالت کي ٻڌايو ته مخلص ٿي غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
جسٽس نديم اختر چيو خاڪ ڪوششون ڪري رهيا آهيو، 6 ماڙ عمارت تعمير ٿي وئي، 4 سالن ۾ ڪارروائي نه ڪئي وئي، ايس بي سي اي پاڻ 2019 ۾ چيو هو ته عمارت غير قانوني طور تعمير ڪئي وئي.
اسحاق کهڙي چيو ڪيس جيئن ئي مون وٽ آيو ته ڪارروائي شروع ڪئي، ان تي جسٽس نديم اختر چيو جڏهن غير قانوني اڏاوت ٿي رهي هئي ته ان وقت ڇو نه روڪي وئي؟ اسحاق کهڙي ٻڌايو ته عمارت ۾ ماڻهو آباد ٿي ويا هئا.
جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏنا ته غير قانوني اڏاوتن ۾ ايس بي سي اي جا ماڻهو ملوث آهن، ان دوران جسٽس عبدالرحمان ريمارڪس ڏنا ته هاڻ توهان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هر شئي جا ذميوار توهان آهيو، جيڪڏهن ڪم نٿا ڪري سگهو ته توهان کي آفيس ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي، ٻڌايو وڃي ته عمارت کي ڪيترن ڏينهن ۾ ڪيرايو ويندو؟ عدالت اهو قبول نه ڪندي ته عمارت ۾ ماڻهو آباد آهن ڪجهه نٿا ڪري سگهون.
سنڌ هاءِ ڪورٽ رهواسين جي درخواست ۾ ڌر بڻجڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.