ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني تان هٿ کڻي ورتو آهي جنهن کانپوءِ سندس نالو ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو آهي.
ٽن ورهين تائين پاڪستان ٽيم جي قيادت ڪيئي اعزاز پنهنجي نالي ڪندڙ بابر اعظم اڄ سوشل ميڊيا ذريعي گرين شرٽس جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
پنهنجي پوسٽ ۾ بابر اعظم ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
بابر اعظم لکيو ته ٽنهي فارميٽ ۾ رانديگر طور کيڏڻ چاهيان ٿو، منهنجي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم نمبر ون بڻي جنهن ۾ سمورن رانديگرن جي محنت پڻ شامل هئي.
هن چيو ته ڪپتاني ڇڏڻ ڏکيو فيصلو هيو پر ڪپتاني ڇڏڻ جو هي صحيح وقت آهي.
بابر اعظم جي ڪپتاني ۽ پاڪستاني ٽيم
بابر اعظم کي 18 آڪٽوبر 2019 کيس ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جو ڪپتاني ملي، 13 مئي 2020ع تي سرفراز احمد جي جاءِ پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو، جڏهن ته 10 نومبر 2020 تي کيس اظهر علي جي جاءِ تي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت سونپي وئي.
بابر اعظم جي ڪپتاني ۾ پاڪستان ٽيم جي ون ڊي ۾ ڪاميابين جي شرح 60.46، ٽيسٽ ۾ 50 ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 59.15 سيڪڙو رهي.
بابراعظم جي قيادت ۾2021ع واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو سيمي فائنل، پاڪستان 2022ع جي ايشيا ڪپ جو فائنل ۽ 2022 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏيو.
ڀارت کي عالمي ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شڪست ڏيندڙ پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم هيو.
ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پاڪستان ٽيم پهريون بابر اعظم جي قيادت ۾ نمبر ون پوزيشن ماڻي.
سوشل ميڊيا تي ردعمل
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪامياب ترين ڪپتان جي اسعيفيٰ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندس نالو ٽرينڊ ڪري رهيو آهي ۽ سندس چاهيندڙ کيس مختلف انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.
ديسي ڊيمو ڪريڪي نالي صارف بابر اعظم جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اوهان پنهنجي ذميواري سان ڪپتاني ڪئي، سلام منهنجا ڪپتان، اسان توسان پيار ڪيون ٿا.
"Apni Pori Zamadaari se kaptaani Ki”.
Salute you my Captain. Love you more
I see it’s a right decision to step down as captain. But you are my forever captain. #BabarAzam pic.twitter.com/NFxAZTyXxX
— DesiDemoCrickey (@naughtypress) November 15, 2023
ڪنگ بابر اعظم آرمي نالي ايڪس صارف لکيو ته بابراعظم اِهو ڪري ڏيکاريو جيڪو عمران خان، وسيم اڪرم، وقار يونس، انضمام الحق، شاهد آفريدي، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، مصباح الحق ۽ سرفراز احمد به نه ڪري سگهيا، هو پاڪستان جو اڪيلو ڪپتان آهي جنهن ڀارت کي عالمي ڪپ ۾ هارايو.
babar azam has done what Imran khan, wasim akram, waqar younus, inzamam ul haq, shoaib malik, muhammad hafeez, misbah ul haq, shahid afridi and sarfraz ahmad failed to do. the only pakistani captain to beat india in worldcup.#BabarAzam pic.twitter.com/XZMzeneXg2
— King Babar Azam Army (@babarazamking_) November 15, 2023
عاقد نالي واهپيدارن بابر اعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي لکيو ته اوهان جي نيڪ مستقبل لاءِ دعاگو آهيان، ڪپتان طور اوهان جي خدمتن تي ٿورائتا آهيون.
Best of luck #BabarAzam , may your future is brighter than your past. Thanks for your service as a skipper. pic.twitter.com/78BxrPdBWH
— عاقد (@aquidtweets) November 15, 2023
هڪ وهپيدار پاڪستان جي ڪامياب ترين ڪپتانن جي فهرست ئي شيئر ڪري جنهن ۾ بابر اعظم جو نمبر چوٿون آهي.
And you label him as an unsuccessful captain?
Audacity!!!!
#BabarAzam pic.twitter.com/Jy0p1KUQfN— King Babar Azam Army (@babarazamking_) November 15, 2023