راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 14 ۽ 15 نومبر جي وچين رات ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جا ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا.
بيان موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود به هٿ آيو، دهشتگرد ٽانڪ ۽ ڀرپاسي پوليس جي تازي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ سرگرم هئا.
You might also like