شريف مرد ڳوليو، پيسو ايندو ويندو آهي: غنا علي جو ڇوڪرين کي مشورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا غنا علي ڇوڪرين کي مشهورو ڏنو آهي ته شادي لاءِ شريف مرد ڳوليو پيسو ته ايندو ويندو آهي، زندگي ۾ سڪون اهم شيءِ آهي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ اداڪارا چيو ته شادي لاءِ ڇوڪرو ڳولڻ وقت ناري کي گھرجي ته ڇوڪريجي شرافت کي ڏسن، پيسو يا خوبصورتي نه ڏسن.
هن چيو ته آئون خوش قسمت آهيان جو آئون شريف مرد سان شادي ڪري ورتي، اڄ ڪالهه شريف مرد ڪٿي ٿا ملن.
غنا علي موجب جيڪڏهن شادي لاءِ خوبصورتي کي ڏسندا کي ڏسون ته اها ملي ويندي پر اهو يقين ناهي ته سڪون به ملي ويندو، ڇوڪرين کي پنهنجو دماع خراب نه ڪرڻ گھرجي ته پيسو به گھرجي، خوبصورتي به گھرجي پر الله تي يقين رکڻ گھرجي، پيسو ايندو ويندو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته آئون پاڻ مالي اعتبار سان خودمختيار آهيان ۽ شادي کان پوءِ هيل تائين پنهنجا خرچ پاڻ برداشت ڪري رهي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.