رشميڪا مندانا جي اعتراض جوڳي وڊيو جو ڪيس، جوابدار جو پتو پئجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا رشميڪا مندانا جي غير اخلاقي ڊيپ فيڪ وڊيو واري ڪيس ۾ دهلي پوليس وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندڙ جوابدار جو پتو لڳائي ورتو.
رپورٽ موجب رشميڪا مندانا ڊيپ فيڪ وڊيو واري ڪيس ۾ بهار رياست جي 19 ورهين جي نوجوان کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس کي شڪ آهي ته نوجوان سڀ کان پهريان وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي اپ لوڊ ڪئي ۽ پوءِ ان وڊيو کي سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمز تي وڏي پيماني تي شيئر ڪيو ويو.
پڇا ڳاڇا دوران نوجوان دهلي پوليس کي ٻڌايو ته هن رشميڪا مندانا جي ڊيپ فيڪ وڊيو انسٽاگرام جي هڪ اڪائونٽ تان ڊائونلوڊ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.