1971 جي جنگ: مڪتي باهني ذريعي ڀارت جو ڪِريل ڪردار

1965 جي جنگ ۾ پاڪ فوج هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ ڀارت پنهنجي حڪمت عملي کي تبديل ڪندي سياسي فوجي حڪمت عملي اختيار ڪئي ته جيئن پاڪستان کي ورهايو وڃي، ائين ڀارت نوجوان بنگالين جي ذهن سازي ڪري کين اولهه پاڪستان خلاف اڪسائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مڪتي باهني جهڙين دهشتگرد تنظيمن جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جن کي ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي مڪمل سرپرستي حاصل هئي.
21 سيپٽمبر 1968 ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ ان جو سربراهه ميشور ناٿ ڪائو هو، جيڪو اوڀر پاڪستان ۾ نام نهام آزادي جي جنگ کي ڀڙڪائڻ ۽ ان جي مڪمل حمايت ۾ اڳڀرو هو.
ڀارتي ايسٽرن ڪمانڊ جو ميجر جنرل جيڪب، جيڪو هڪ يهودي هو، ان مڪتي باهني جي دهشتگردن جي تربيت لاءِ اوڀر پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محب وطن پاڪستانين کي شهيد ڪرڻ لاءِ گوريلا ڪارروائين جي نگراني ڪئي.
مڪتي باهني جي دهشتگردن پاڪستان آرمي ۽ محب وطن بنگالين جو اتحاد ٽوڙڻ ۽ پاڪستان آرمي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ”را“ جي ترتيب ڏنل منصوبي تي عمل ڪندي لکين محب وطن پاڪستانين کي شهيد ڪيو، جن ۾ وڏي انگ ۾ بنگالي به شامل هئا.
مڪتي باهني جي ظلم جو ثبوت اوڀر پاڪستان ۾ مقرر سگنل ڪور جو ليفٽيننٽ افضل هو، جيڪو ڪميونيڪيشن لائن جي مرمت دوران شهيد ڪيو ويو ۽ سندس جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري تسته درياهه ۾ وهايا ويا.
مڪتي باهني جو وجود ۽ 71ع جي جنگ ۾ گوريلا ڪارروائين پويان ڀارتي حڪومت طرفان مڪتي باهني جي دهشتگردن کي مڪمل فوجي ۽ انٽيليجنس مدد فراهم ڪرڻ جي تاريخي حقيقت ڪنهن کان لڪل ناهي.
ان مقصد لاءِ ڀارتي فوج جي ايسٽرن ڪمانڊ ڪلڪتي ۾ رميشور ناٿ ڪائو جي نگراني ۾ ڪنٽرول هيڊ ڪوارٽرز قائم ڪيو ويو، مڪتي باهني جي دهشتگردن جي ٽريننگ لاءِ 6 مختلف ٽريننگ سينٽر جوڙيا ويا ۽ هر ٽريننگ سينٽر ڀارتي بريگيڊيئر جي ڪمان هيٺ هو.
”مورتي ڪئمپ“ ڀارت جي علائقي اولهه بنگال ۾ قائم هئي، جيڪا بريگيڊيئر جوشي جي نگراني ۾ هئي، ”رائي گنج“ به اولهه بنگال ۾ قائم هو، جيڪو بريگيڊيئر پريم سنگهه جي نگراني ۾ ڪم ڪندو هو.
”چاڪوليا ٽريننگ ڪئمپ“ ڀارتي رياست بهار ۾ قائم هئي، جيڪا بريگيڊيئر اين اي نائيڪ جي نگراني ۾ هئي، ”ديپ تمور“ ڀارت جي علائقي ترقي پوره ۾ قائم هئي، جيڪا بريگيڊيئر شاهه بيگ سنگهه جي نگراني ۾ ڪم ڪندي هئي.
”ماسيپور“ ڀارتي رياست آسام ۾ قائم هئي، بريگيڊيئر بي واڊيا جي نگراني ۾ ڪم ڪندي هئي، جڏهن ته ”تورا ڪئمپ“ ڀارتي علائقي ميگهاليه ۾ قائم هئي، جيڪا بريگيڊيئر سانت سنگهه جي نگرني ۾ ڪم ڪندي هئي.
هر ٽريننگ سينٽر ۾ 500 مڪتي باهني دهشتگردن کي تربيت ڏني ويندي هئي، سڀني ڪئمپن ۾ تقريبن هڪ لک مڪتي باهني جي دهشتگردن کي تربيت فراهم ڪئي وئي.
ان کانسواءِ 800 مڪتي باهني جي آفيسرن کي باقاعدي طور تي ”انڊين ملٽري اڪيڊمي دهره دون“ ۾ تربيت فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته 600 مڪتي باهني جي دهشتگردن کي اوڀر پاڪستان جي مختلف بندرگاهن تي حملي جو ٽاسڪ به ڏنو ويو.
ڀارتي فوج جا حاضر سروس آفيسر سول ڪپڙن ۾ انهن مڪتي باهتي دهشتگردن سان آپريشنز ۾ شريڪ رهندا ۽ کين هدايتون ڏيندا هئا.
مڪتي باهني جي دهشتگردن جي انهن حملن جي نتيجي ۾ اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جا هزارين بي ڏوهه مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.