بيٽرن کانپوءِ شامي جو قهر، ڀارت نيوزيلينڊ کي هارائي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 70 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ممبئي ۾ ڀارت طرفان مليل 398 رنسن جي هدف جي جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 48.5 اوورن ۾ 327 رنسون ٺاهي سگهي.
نيوزيلينڊ طرفان ڊيرل مچل 134 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان ڪين وليمسن 69 ۽ گلين فلپ 41 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ڀارت طرفان محمد شامي بهترين بالنگ ڪرائيندي 7 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بمرا، سراج ۽ ڪلديپ هڪ – هڪ شڪار ڪيو.
ويرات ڪوهلي ۽ شرياس ائير جي شاندار سينچرين جي مدد سان نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 398 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏئي ڇڏيو.
ان کان اڳ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 397 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان ويرات ڪوهلي شاندار بيٽنگ ڪندي 117 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته شرياس ائير 105 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ليجنڊري سچن ٽنڊولڪر جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 49 سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ويرات ڪوهلي ممبئيءَ جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڪيويز خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪري ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙيو.
ڪوهلي جي ون ڊي سينچرين جو انگ 50 ٿي ويو آهي، هن اِهو ڪارنامو 291 هين ون ڊي انٽرنيشنل ۾ انجام ڏنو.
ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪيريئر ۾ پنجاهه سينچريون ۽ 71 ففٽيون اسڪور ڪري چڪو آهي.
ان کان اڳ سچن ٽنڊولڪر 463 ون ڊي ميچن ۾ 49 سينچريون اسڪور ڪيون هيون.
ٽنڊولڪر ون ڊي ۾ سڀ کان وڌيڪ 18 هزار چار چويهه رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 49 سينچريون ۽ 96 اڌ سينچريون شامل هيون.
ڪپتان روهت شرما 47 رنسون ٺاهي ٽِم سائوٿي جو پهريون شڪار بڻيو، اوپنر شُڀمَن گِل اسي رنسون ٺاهي رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو، انکانسواءِ ڪي ايل راهول 39 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
نيوزيلينڊ جي ٽيم سائوٿي 3 ۽ ٽرينٽ بولٽ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.