سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ”ويوو“ هيل تائين جو طاقتور ۽ بهترين ڪيمرائن وارا ايڪس سيريز جا 2 فونز متعارف ڪرائي ڇڏيا، جن کي قيمت جي حوالي سان مهانگو قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪمپني ”ويوو ايڪس 100“ ۽ ”ويوو ايڪس 100 پرو“ کي ٽن بيڪ ڪيمرائن ۽ هڪ طاقتور فرنٽ ڪيمرا سان گڏ پيش ڪيو آهي.
ٻنهي فونز ڪمپني جا سڀ کان بهترين ڪيمرائن وارا فونز قرار ڏنو پيو وڃي، پر ڪمپني تي فونز جي قيمت وڌيڪ رکڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي.
ڪمپني ٻنهي فونز کي 6.78 انچن جي اسڪرين سان گڏ 12 ۽ 16 جي بي ريم جڏهن ته 256 جي بي ميموري جي ماڊلز ۾ پيش ڪيو آهي.
ويوو ايڪس 100 کي 5 هزار ايم اي ايڇ بيتري ۽ 120 واٽ فاسٽ چارجر جڏهن ته ويوو ايڪس 100 پرو کي طاقتور 5400 ايم اي ايڇ جي بيٽري ۽ 100 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
ڪمپني ايڪس 100 پرو کي ٽن بيڪ ڪيمرائن سان گڏ پيش ڪيو ۽ فون جي ٽنهي ڪيمرائن کي ترتيبوار 50 ميگا پڪسل رکيو ويو آهي جڏهن ته فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
اهڙي طرح ايڪس 100 جي بيڪ تي به 3 ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، جن مان ٻه ترتيبوار 50 ميگا پڪسل جڏهن ته هڪ 64 ميگا پڪسل جي ڪيمرا ڏني وئي آهي. پر ان جي فرنٽ تي به 32 ميگا پڪسل جي سيلفي ڪيمرا آهي.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ٻنهي فونز جي ڪيمرائن ۾ سوني ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي ۽ انهن جي وڊيوز ۽ تصويرون جي صلاحيت ٻيڻي آهي، يعني 50 ميگا پڪسل ڪيمرا 100 ميگا پڪسل جهڙي تصوير ڪڍندي.
ٻنهي فونز ۾ فنگر پرنٽ سينسر ڏيڻ سميت انهن کي اينڊرائڊ 14 ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ويوو ايڪس 100 جي 12 جي بي ريم واري ماڊل جي قيمت پاڪستاني 1 لک 60 هزار رپيا جڏهن ته 16 جي بي ريم ماڊل واري ماڊل جي قيمت پاڪستان 2 لک رپين تائين رکي وئي آهي.
اهڙيءَ طرح ويوو ايڪس 100 پرو جي 12 جي بي ماڊل جي قيمت 1 لک 97 هزار رپيا جڏهن ته 16 جي بي ريم واري ماڊل جي قيمت 2 لک 37 هزار رپيا رکي وئي آهي.
ڪمپني ٻنهي فونز کي شروعاتي طور تي رڳو چين ۾ متعارف ڪرايو آهي، پر جلد پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به انهن کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
You might also like