اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ڪيڪ پيسٽري جيڪڏهن مهانگا ٿي رهيا آهن ته ٿيڻ ڏيو.
خيبر پختونخواهه ۾ بيڪري آئٽمز جا اگهه مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.
عدالت بيڪري آئٽمز جا اگهه مقرر ڪرڻ جي معاملي تي صوبائي حڪومت کي ٻيهر جائزو وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بيڪري آئٽمز بنيادي شين ۾ نٿا اچن، بنيادي شين جا اگهه مقرر ڪرڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو بيڪري آئٽمز جا نه، فرانس ۾ چيو ويو هو ماني مهانگي آهي ته ڪيڪ کائو.
چيف جسٽس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کان سوال ڪيو ته ڇا ڪيڪ جو ڪو متبادل آهي؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته ڪيڪ جو ڪو متبادل ناهي.
چيف جسٽس چيو ڪوٽ ۽ ٽاءِ وڪيل جي ضرورت آهي، ڇا سڀاڻي انهن جي قيمت به حڪومت مقرر ڪندي؟
بيڪري مالڪ جي وڪيل چيو ته بنيادي شين جا اگهه روز مقرر ٿيندا آهن، جڏهن ته بيڪرين جا اگهه 6 مهينن کانپوءِ مقرر ٿيندا آهن.
جسٽس اطهر من الله چيو اهو ته ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ جو معاملو آهي، ڊگهي عرصي لاءِ اگهه ڪيئن مقرر ٿي سگهن ٿا؟
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ان معاملي تي حڪومت سان ڳالهائيندس.
واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ شهري حاجي ادريس اعواڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي هئي.
پشاور هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخواهه حڪومت جو بيڪري آئٽمز جا اگهه مقرر ڪرڻ درست قرار ڏنو هو.
You might also like