بابر اعظم ڪپتان برقرار رهندو يا نه؟اهم خبر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رهندو يا نه، فيصلو سڀاڻي ٿيندو.

ذريعن موجب، پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم  جي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي سربراهه ذڪاءَ اشرف سان سڀاڻي ملاقات جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات کان اڳ بابر اعظم جي مستقبل بابت ويجهن ماڻهن سان مشاورت جاري آهي، بابر اعظم پنهنجي مستقبل بابت وڏو اعلان ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪري رهيو آهي.

ذريعن موجب، بابر اعظم ڪپتاني تان هٿ کڻڻ بابت به ويجهن ماڻهن سان مشاورت ڪئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي عهديدارن بابر اعظم کي ريڊ بال جو ڪپتان برقرار رکڻ بابت مشاورت ڪئي آهي.

ذريعن موجب، عهديدارن جو خيال آهي ته بابر اعظم کي ريڊ بال جو ڪپتان برقرار رکڻ گهرجي، ڪپتان جي تبديليءَ جو فيصلو ڪرڻو آهي ته پهريان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتان بابت فيصلو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.