اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشا خانا جعلي رسيدن جي ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ۾ بشريٰ بي بي جي توشا خانا رسيدن جي ڪيس ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي 6 ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا ٻڌڻي ڪئي.
بشريٰ بي بي جو وڪيل خالد يوسف چوڌري ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي پيشي بابت رپورٽ به پيش نه ڪئي وئي.
پوءِ عدالت عمران خان جي 6 ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي، جڏهن ته بشريٰ بي بي جي توشا خانا جعلي رسيدن جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 28 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
Next Post
You might also like