لفٽ جي در ۾ منڍي ڦاسڻ سبب ٻار فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر احمد آباد جي علائقي شاهي باغ ۾ هڪ رهائشي سوسائٽي جي لفت ۾ منڍي ڦاسڻ سبب 6 سالن جو ٻار فوت ٿي ويو. ٻار گرائونڊ فلور تي کيڏي رهيو هو ته هو عمارت جي لفت ۾ داخل ٿيو، ان دوران لفٽ ۾ خرابي پيدا ٿيڻ سب در اوچتو بند ٿي ويو ۽ ٻار جي منڍي ان ۾ ڦاسي پئي، لفٽ زمين کان مٿئين ماڙ جي وچ ۾ ڦاسي پئي ۽ ٻار به ڪجهه دير تائين ان ۾ ڦاٿل رهيو.

رهواسين ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪا ڪوشش فائديمند نه ٿي.

ڪوششن ۾ ناڪامي بعد فائر برگيڊ جي ٽيم کي گهرايو ويو هو، فائر برگيڊ جا اهلڪار ٻار کي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيا پر ٻار سخت زخمي ٿي چڪو هو ۽ اسپتال نيئيندي فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.