يونس خان کي پي سي بي اهم ذميواري ملڻ جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو سربراهه ذڪاءَ اشرف سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان جي ملاقات جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس خان ۽ پي سي بي چيئرمين قومي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي بابت مشاورت ڪندا.
ذريعن موجب، ملاقات دوران اڳوڻي ڪپتان کي نئين ذميواري ڏيڻ بابت به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي فاسٽ بالر سهيل تنوير ۽ محمد حفيظ به اڄ ذڪاءَ اشرف سان ملاقات ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.