اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽجڻ سبب پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهه گهٽجڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 15 نومبر کان 8 کان 10 رپيا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ ساڍا 4 رپيا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ به 16 رپيا 50 پئسا في ليٽر تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي.
اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن بابت سمري پيٽروليم وزارت کي موڪليندي، جنهن تي نگران وزيراعظم جي مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ٿيندو.
You might also like