جبري گم ڪيل ماڻهن وارو معاملو، وفاقي سرڪار اهم قدم کڻي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وفاقي سرڪار پاران جبري گم ڪيل ماڻهن جي ڪيسز بابت اهم قدم کنيو ويو آهي.
وفاقي ڪابينا، نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني وزيرن جي ڪميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ڪميٽي جي منظوري وفاقي ڪابينا ست نومبر تي ڏني هئي ۽ قانون واري وزارت جي اختيارين نوٽيفڪيشن اسلام هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جنهن موجب گهرو وزير ڪميٽي جو چيئرمين، قانون واري وزير ۽ بچاءَ وارو وزير ڪميٽي جا ميمبرن آهن.
ڪميٽي جبري گم ڪيل ماڻهن جي ڪيسن جو جائزو وٺندي، ان کانسواءِ ڪميٽي انساني حقن جي نتظيمن کان به مدد وٺي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.