نيب جو عمران خان جي گرفتاري لاءِ مختلف آپشنز تي غور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو ( نيب ) 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري لاءِ مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب، نيب کي گرفتاري جي 24 ڪلاڪن اندر جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ضروري هوندو آهي.

ذريعن موجب، اڊيالا جيل ۾ جسماني رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن ضروري آهي، ڪوشش آهي ته ڪجهه دير ۾ جيل اندر ٻڌڻي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو.

نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي صورت ۾ احتساب عدالت جو جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.