اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف سائفر ڪيس جي اڊيالا جي ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
ان سلسلي ۾ عمران خان طرفان سلمان اڪرم راجا، ۽ حڪومت طرفان اٽارني جنرل دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن پڇاڻو ڪيو ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته اهڙيون ڪهڙيون غيرمعمولي حالتون هيون جو هي ٽرائل اهڙي نموني هلايو پيو وڃي؟ اوهان کي ٻڌائڻو آهي ته حقيقت ٿيو ڇا آهي؟.
اٽارني جنرل چيو ته هو تمام لاڳاپيل ادارن کان رڪارڊ وٺي عدالت آڏو رکندو، ان تي جسٽس ميان گل حسن چيو ته سراسري طور ٽئي نوٽيفڪيشنز هاءِ ڪورٽ جي رولز مطابق نه آهن.
عدالت اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته ڪڏهن ڪهڙين حالتن ۾ ڪهڙي بنياد تي اِهو فيصلو ٿيو ته جيل ٽرائل ٿيندو؟ ڪيئي سوال آهن جن جا جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي.
عدالت وڌيڪ چيو ته وفاقي ڪابينا ٻه ڏينهن پهريان جيل ٽرائل جي منظور ڏني، ڪهڙا سبب هئا جو وفاقي ڪابينا جيل ٽرائل جي منظور ڏني؟
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ 16 نومبر تائين ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي روڪي ڇڏي.