اسٽيبلشمينٽ خلاف پي ٽي آءِ جي غليظ پروپيگنڊا وري شروع

لاهور (عوامي آواز نيوز) آرمي چيف جنرل عاصم منير لاهور ڇانوڻي جي تازي دوري دوران پنهنجو عزم ورجايو آهي ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث  ڪنهن به جوابدار سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي.

نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته آرمي چيف  جي ان بيان کانپوءِ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا برگيڊ هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ خلاف غليظ ڪوڙي پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي آهي.

خاص طور پرڏيهه ويٺل ميجر (ر)  عادل راجا  ته بي بنياد خيالي مفروضا سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ آڻي رهيو آهي. ان غليظ پروپيگنڊا جو مقصد اهو آهي ته اڃا تائين پي ٽي آءِ  ۾ سڌارو نه آيو آهي.

سندن خيال آهي ته هو غليظ پروپيگنڊا ذريعي اداري کي دٻاءُ ۾ آڻي ڪجهه رعايتون حاصل ڪندا پر اها سندن ڀل آهي، صحافي اهو به ڄاڻايو ته اسٽيبلشمينٽ ۾ جلد اهم عهدن تي مقرريون  ۽ بدليون به ٿيڻ واريون آهن، ان ڪري به پي ٽي آءِ وارا خوشفهميءَ  جو شڪار آهن، زميني حقيقت اها آهي ته عمران خان کي نيب گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي يا گرفتاري ٿي چڪي آهي.

بشريٰ  بي بي کي به نيب سوال نامو ڏنو آهي ان جي گرفتاريءَ   جا به امڪان آهن، مطلب ته عمران خان جو گهيرو وڌيڪ تنگ ٿي رهيو آهي. کيس رعايت ملڻ ناممڪن آهي، پي ٽي آءِ اها به ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهي آهي ته عمران خان کي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ عيوض رعايت جي آڇ ڪئي وئي آهي. اها به بي بنياد پروپيگنڊا آهي.

نوٽ:هيءَ خبر روزاني اڱارو عوامي آواز 14 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.