پاڪستان برطانيا ذريعي يوڪرين کي هٿيار وڪرو ڪيا: بي بي سي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ يوڪرين ۾ هٿيارن جي ڪاروبار جون ڳالهيون ان وقت کان هلي رهيون آهن، جڏهن کان روس ۽ يوڪرين جو مسئلو  رهيو آهي. پاڪستان هن جنگ ۾ اڻ ڌريو هجڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو آهي پر ڪجهه رپورٽن ۾ پاڪستان کي يوڪرين هٿيار وڪرو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

بي بي سي جي رپورٽ موجب نور خان ايئر بيس تان برطانوي رائل ايئر فورس جهاز سي 17 ((C-17 جون 5 اڏامون آگسٽ 2022ع ۾ ويون، جيڪي اسلام آباد کان قبرص ذريعي رومانيا تائين پهتو.

ايندڙ ڏينهن ۾ رائل ايئر فورس جو ساڳيو جهاز پنج دفعا نور خان ايئر بيس آيو. بي بي سي وٽ موجود دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته آگسٽ 2022ع ۾ پاڪستان ٻن پرائيويٽ آمريڪي فوجي ڪمپنين سان 364 ملين ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جا معاهدا ڪيا، جنهن تحت پاڪستان انهن ڪمپنين کي 155 ايم ايم گولا وڪرو ڪيا.

اسٽيٽ بئنڪ رپورٽ ۾ به آگسٽ 22ع ۾ هٿيارن جي وڪري ۾ واڌ جي تصديق ڪئي وئي.

بي بي سي موجب واضح رهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا مستقبل ۾ تاريخي بلندين کي ڇهندا. جڏهن ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه ان اميد جو اظهار 12 آگسٽ 2022 تي برٽش رائل ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ ڪيو هو، ان ئي ڏينهن راولپنڊي جي نور خان ايئر بيس تي برطانوي فوجي ڪارگو جهاز لينڊ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.